علياڻي قائم خان

علياڻي، قائم خان: بهاولپور رياست جي اولاهين پاسي جي هڪ حصي جو سردار خان علياڻي'>بهادر خان علياڻي هو، قائم خان علياڻي سندس ڀاءُ هو ۽ پنهنجي دور جو وڏو بهادر ۽ جنگي فن جو ماهر هو. خان علياڻي'>بهادر خان علياڻي (سردار) ۽ سندس ڀائر ڪبير خان علياڻي ۽ قائم خان علياڻي وڏا بهادر هئا. جڏهن عطر خان جي مدد خاطر خان علياڻي'>بهادر خان علياڻي لشڪر تيار ڪري ميان غلام شاهه سان لڙائي ڪرڻ خاطر اوٻاوڙي پهتو، تڏهن قائم خان علياڻي سندس لشڪر جو سپهه سالار هو. اوٻاوڙي واري لڙائيءَ ۾ جڏهن خان علياڻي'>بهادر خان علياڻي گولين لڳڻ سبب مري ويو. تڏهن قائم خان علياڻي هڪدم ميان عطر خان ڪلهوڙي ۽ ميان احمد يار خان کي پاڻ سان وٺي جنگ جي ميدان مان ڀڄي ويو ۽ وڃي پنهنجي سرداري واري علائقي ۾ لڪو. ان کانپوءِ هن وري ڪڏهن به سنڌ جو رخ نه ڪيو. هي واقعو 1172هه/ 1758ع ۾ ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو